بُري خبر، مشهور ڪمپني جو پاڪستان ۾ موٽرسائيڪلن جي بُڪنگ بند ڪرڻ جو اعلان

پاڪ سوزوڪي پنهنجي سمورين موٽر سائيڪلن جي بُڪنگ ويهه جنوري کان بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

پاڪ سوزوڪي سمورن ڊيلرن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته نئين موٽر سائڪلن جي بُڪنگ فور طور ويهه جنوري کان بند ڪئي پئي وڃي.

ڪمپني ترجمان موجب درآمدات نه هئڻ سبب موٽر سائيڪلن لاءِ سي ڪي ڊي ۽ ٻئي ڪچي مال جي سپلاءِ چين متاثر ٿي وئي آهي جنهن ڪري ڪمپني لاءِ  ڪسٽمرز جا آرڊرز پورا ڪرڻ ممڪن نه آهي.

پاڪ سوزوڪي صارفين کي آگاهه ڪيو آهي ته جيئن ئي صورتحال ۾ بهتري ايندي بُڪنگ جي ٻيهر شروعات ڪئي ويندي.

واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪ سوزوڪي پنهنجي فور وهيلر گاڏين جي بُڪنگ به ٻه جنوري کان ويهه جنوري تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر خدشو آهي ته ويهه جنوري کانپوءِ به گاڏين جي پروڊڪشن بحال نه ٿي سگهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.