ڪم ڪارڊيشين ليڊي ڊيانا جو پاتل مهانگو ترين هار خريد ڪري ورتو

 

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماڊل ۽ سوشل ميڊيا اسٽار ڪم ڪارڊيشين ليڊي ڊيانا جو پاتل خوبصورت ۽ مهانگو ترين هار خريد ڪري ورتو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪم ڪارڊيشين نيلم ۽ هيري سان جڙيل ليڊي ڊيانا جو لاڪيٽ خريد ڪيو آهي، جيڪو ڊيانا کي ڪيترائي ڀيرا خاص تقريبن ۾ پاتل ڏٺو ويو.

اهو هار قيمتي شيون وڪرو ڪندڙ ڪپني سوٿبي طرفان نيلام ڪيو ويو آهي، جنهن کي ڪم ڪارڊيشين جي ترجمان ماڊل جي چوڻ تي خريد ڪيو.

ڪمپني موجب ڪم ڪارڊيشين ليڊي ڊيانا جو اهو قيمتي هار 163800 پائونڊن (202300 آمريڪي ڊالرن) ۾ خريد ڪيو آهي.

ڪمپني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ليڊي ڊيانا جي ملڪيت هيٺ يا سندس پاتل زيور مارڪيٽ ۾ تمام گهٽ ايندا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.