پاڪستان جي مشهور اسپورٽس پريزينٽرز زينب عباس سان ڏکڻ آفريڪا جي ايس اي ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ چوڪو روڪيندڙ فيلڊر سان ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب هن زمين تي وڃي ڦهڪو ڪيو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته بيٽر جيئن بيٽ گهمائي ته بال هوا ۾ اُڏندو بائونڊري لائين ڏانهن وڌڻ لڳو ۽ ان وقت زينب عباس به بائونڊري تي موجود هئي ۽ هوءَ چئي رهي آهي بال سڌو اسان ڏانهن اچي رهيو آهي.
I’ve survived, but now I know how it feels! 😂 get that ice pack out .. https://t.co/k5ULfsOPdd
— zainab abbas (@ZAbbasOfficial) January 18, 2023
اِهي لفظ اڃا سندن وتان نڪتا به مس ته چوڪو روڪڻ لاءِ آيل فيلڊر جو ساڻس ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هن زمين تي ڦهڪو وڃي ڪيو.
Good afternoon from Cape Town, a stunning backdrop, looking forward to working with the fabulous @SuperSportTV team & hosting the @SA20_League – Newlands ❤️❤️❤️ pic.twitter.com/elHAWol5a2
— zainab abbas (@ZAbbasOfficial) January 10, 2023
بعد ۾ زينب عباس هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته بچي ته وئي آهيان پر ڄاڻان ٿي ته اِهو احساس ڪئين هوندو آهي.
واضح رهي ته ڏهه جنوري تي زينب عباس ٽوئيٽر تي اعلان ڪيو هوته هوءَ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ بورڊ جي انتظام هيٺ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ليگ جي شروعاتي سيزن جي ميزباني ڪندي.