اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي جعلي اڪائونٽس جي ريفرنس ۾ رليف ملي ويو.
اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج راڻا ناصر ج اويد ٺٽي واٽر سپلاءِ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
احتساب عدالت ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس نيب کي واپس موڪلي ڇڏيو، عدالت ريفرنس اختيارن جي دائري ۾ نه اچڻ تي نيب کي موڪليو.
احتساب عدالت ريفرنس نيب جي لاڳاپيل فورم کي موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.