دُنيا ۾ غيريقيني واري صورتحال، ماڻهن سمارٽ فون وٺڻ ڇڏي ڏنا!

معاشي بحران، مهانگائي ۽ غيريقيني واري صورتحال جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ سمارٽ فونز جي وڪري ۾ هڪ ڏهاڪي دوران سڀ کان وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

سمارٽ فونز جي وڪري تي نظر رکندڙ اداري ڪئنليس طرفان آڪٽوبر کان ڊسمبر ٻه هزار ويهه دوران ڊيوائسز جي وڪري جا جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.

گذريل سال جي آخري ٽه ماهي دوران سمارٽ فونز جي وڪري ۾ سترنهن سيڪڙو لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي .

ان ٽه ماهي دوران آءِ فونز جي گهرج ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي جنهن سبب ايپل دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ فونز وڪرڻ ڪرڻ واري ڪمپني بڻجي وئي، جنهن جو مارڪيٽ شيئر 25 سيڪڙو رهيو.

مجموعي طور تي گذريل سال سمارٽ فونز جي وڪري ۾ 2021 جي ڀيٽ ۾ يارنهن سيڪڙو لاٿ ڏسڻ ۾ آئي جيڪو ڏهن ورهين دوران سڀ کان گهٽ انگ آهي.

سڄي سال ۾ فونز وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان سرفهرست ڪمپني سام سنگ رهي جنهن بعد ايپل ڪمپني جو نمبر اچي ٿو.

رپورٽ موجب سپلاءِ چين جي مسئلن سبب گهرج جي ڀيٽ ۾ ڊيوائسز جي پروڊڪشن ۾ لاٿ آئي معاشي صوررتحال سخت هئڻ سبب به ماڻهو نوان فونز گهٽ خريد ڪيا.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سال ٻه هزار ٻاويهه گهڻي ڀاڱي سمارٽ فونز تيار ڪرڻ وارين ڪمپنين لاءِ ڳرو سال ثابت ٿيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.