مڪاني چونڊون، ملير ضلعي جي پارٽي پوزيشن جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جا حتمي نتيجا اڃا تائين جاري ناهن ٿي سگهيا پر ضلعي اليڪشن ڪمشنر ڊسٽرڪٽ ملير جي پارٽي پوزيشن جاري ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب ملير ضلعي جي ٽنهي ٽائونز ۾ پيپلز پارٽي کي اڪثريت حاصل آهي.

ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب ملير ضلعي جي ٽن ٽائونز ملير، گڏاپ ۽ ابراهيم حيدري ۾ ٽيهه يونين ڪميٽين ۾ چونڊون ٿيون.

پ پ ٽيهن مان ويهه يونين ڪميٽيز ۾ چيئرمين ۽ وائس چيئرمين جي پئنل تي ڪاميابي حاصل ڪئي .

پاڪستان تحريڪ انصاف چار سيٽون حاصل ڪري ٻئي نمبر تي آهي، جماعت اسلامي ٽي، مسلم ليگ ن ٻه ۽ هڪ تي آزاد اميدوار ڪاميابي حاصل ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.