مٿي موجود چهرن تي پهرين نظر وجهڻ سان ته ڪجهه خاص نظر نٿو اچي ڇاڪاڻ ته ان ۾ ظاهري طور تي ڪجهه به خاص نه آهي ۽ اِهي ئي ڳالهيون ان تصوير کي غير معمولي بڻائڻ ٿيون.
حقيقت ۾ هي چهرا اهڙن ماڻهن جا آهن جن جو دنيا ۾ ڪو وجود ئي نه آهي ۽ اِهي تصويرون آرٽيفيشل ( اي آءِ ) ٽيڪنالوجي پليٽ فارم مڊجرني جو ڪمال آهن.
ويجهڙائي وارن سالن دوران اي آءِ اميج جنريٽر پليٽ فارمز جي انگ ۾ تمام گهڻي واڌ آئي آهي جيڪي لکت ۾ هدايتن پٽاندڙ دنگ ڪري ڇڏيندڙ تصويرون تيار ڪري سگهن ٿا ۽ مڊ جرني به انهن ئي پليٽ فارمز مان هڪ آهي.
ان ڪمپني جو اي آءِ اميج جنريٽر پليٽ فارم اڃا بيٽا مرحلي مان گذري رهيو آهي پر اِهو ڪافي حد تائين حقيقي نظر ايندڙ تصويرون تيار ڪري رهيو آهي.
تازو ان سلسلي ۾ هڪ ٽوئيٽر واهپيدار ان فليٽ فارم جو ڪجهه تصويرون پوسٽ ڪيون جيڪي دنگ ڪري ڇڏيندڙ آهن. اِهي تصويرون ايتريون حقيقي لڳن ٿيون جو يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي ته هي چهرا حقيقي انسانن جا ناهن.
انهن تصويرن کي ڏسي لڳي ٿو ته جيئن اهي ڪنهن پارٽيءَ ۾ پولورائيڊ ڪيمرا تان ورتيون ويون آهن پر حقيقت ۾ اهڙي ڪا پارٽي ڪڏهن ناهي ٿي ۽ هي ماڻهو به حقيقي دنيا ۾ موجود ناهن، اِهو سڀ مڊجرني اي آءِ جو ڪمال آهي.
جيڪڏهن تصويرون کي غور سان ڏٺو وڃي ته ظاهري طور عام انسان ئي لڳن ٿا پر انهن جي ڏندن جو انگ تمام گهڻو آهي، چمڙي جي چمڪ به ضرورت کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ڳچي پڻ عجيب لڳي رهي آهي.
پر هڪ سال اندر هڪ اي آءِ پليٽ فارم پاڻ کي ايترو بهتر بڻائي سگهي ٿو جو ايندڙ ورهين دوران خبر ناهي ڪنهن حد تائين بهتر ٿي ويندو.
واضح رهي ته ماهرن طرفان اِهو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهڙي قسم جي ٽيڪنالوجي کي ڊيپ فيڪ تصويرن يا وڊيوز لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.