ڏکڻ آفريڪي ٽيم جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪيٽر هاشم آملا هر فارميٽ جي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
هاشم آملا 2019ع ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو هو جنهن بعد هو انگلش ڪائونٽي ۾ کيڏندي نظر ايندو هو، پر هاڻ هن پروفيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
39 ورهين جي ڏکڻ آفريڪي بيٽر 124 ٽيسٽ ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪئي جنهن ۾ هُن 46.64 جي ايوريج سان ۽ اٺاويهه سينچرين جي مدد سان نوَ هزار ٻه سئو ٻياسي رنسون ٺاهيون.
جيڪ ڪيلس کانپوءِ هو ان فارميٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر آهي.