ايلون مسڪ ٽوئيٽر جي ڀينگ ڪري ڇڏي!

ايلون مسڪ جڏهن کان ٽوئيٽر خريد ڪيو آهي تڏهن مائيرو بلاگينگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر کي خساري کي منهن ڏيڻ جو خبرون زور وٺي رهيون آهن.

ايلون مسڪ ٽوئيٽر انتظام سنڀالڻ بعد ڪيئي اهڙا فيصلا ڪيا جيڪي واهپيدارن کي متاثر نه ڪري سگهيا ويتر هزارين واهپيدارن ٽوئيٽر کي الوداع چيو.

سماجي رابطن جي مشهور ويب سائيٽ بابت هاڻي خبرون گردش ڪري رهيو آهن ته ڪمپني مالي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ خسارو وڌي وڃڻ سبب قيمتي شين جي نيلامي ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.

سان فارنسسڪو ۾ اربع کان چويهه ڪلاڪن وڌيڪ جاري رهندڙ هڪ آن لائين نيلامي ۾ ٽوئيٽر جي هيڊ ڪوارٽر مان فرنيچر  رڌڻي جو سامان ۽ گهڻو ڪجهه نيلام ڪيو ويو، نيلامي لاءِ پيش ڪيل شين ۾ ٽوئيٽر جو تاريخي پکي وارو لوگو به شامل هو جيڪو چاليهه هزار ڊالرز ۾ وڪرو ٿيو.

انکانسواءِ آفيس جي کوڙ ساريون شيون، پيزا اوون، پرنٽنگ جو سامان، صوفا به نيلاميءَ لاءِ پيش ڪيا ويا.

گذريل سال نومبر ۾ ايلون مسڪ ٽوئيٽ ذريعي خبردار ڪيو هو ڪمپني مالي بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، ٿي سگهي ٿو ته ٽوئيٽر بئنڪ ڪرپٽ ٿي وڃي.

ٻئي پاسي ڪجهه ڏينهن کان اِهي خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ٽوئيٽر تي سان فرانسسڪو جي آفيس جي مسواڙ نه ڏيڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.