قاهرا ( ويب ڊيسڪ ) مصر ۾ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي ۽ اهڙي صورتحال ۾ حڪومت اگهن تي ظابطو آڻڻ بدران شهرين کي ڪڪڙ جو گوشت ڇڏي پير کائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.
مصر ۾ ڪڪڙ جا پير کائڻ انتهائي غربت جي نشاني سمجهيو ويندو آهي جتي مُلڪ جي ٽيهه سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهي آهي.
مصر ۾ مهانگائي سبب گوشت جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن، گوشت ۾ 150 ڀيرا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي جنهن ڪري ماڻهو ڪڪڙ کائڻ لاءِ به سڪي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ حڪومت مهانگائي تي ظابطو آڻڻ بدران عوام کي ڪڪڙ جا پير کائڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي.