ڇا موت تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي؟ سائنس ڇا ٿي چوي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هڪ سائنسي تحقيق موجب موت جو مرحلو تڪليف ڏيندڙ يا دردناڪ ناهي هوندو پر پرسڪون هوندو آهي ۽ مرندي وقت انسانن سان بنا فرق جي اهو معاملو ٿيندو آهي

ماهرن جو چوڻ آهي ته موت کان اڳ ڪجهه انسانن کي تڪليف جوا ظهار ڪندي يا دانهيندي ڏسي سگهجي ٿو پر اهو سندن موت جو مرحلو ناهي هوندو پر کين لاحق جسماني مرض يا تڪليف جو سبب هوندو آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪو مرض جي سٽ نه سهندي فوت ٿي وڃي

مختلف بيمارين سبب جڏهن انساني جسم جا اهم عضوا ناڪارا ٿي ويندا آهن ته انهن کي پهتل نقصانن کي سمجهندي انساني جسم پاڻمرادو هڪ شٽ ڊائون پراسيس شروع ڪندو آهي ۽ اتان ئي موت جو مرحلو يا يا سڪرات جو عمل شروع ٿيندو آهي.

انساني دماغ وڏي مقدار ۾ مختلف قسم جا نيوروٽرانسمينٽر خاص طور تي Dimethyltryptaminine نالي ڪيميڪل پنهنجي اندر ڇڏيندو آهي جنهن سان مرندڙ انسان پاڻ کي هلڪو ۽ هوا ۾ اڏندي محسوس ڪندو آهي، سڪون جي اهڙي لهر سندس وجود ۾ ڊوڙڻ لڳندو آهي جنهن سان سڀني تڪليفن جو احساس ختم ٿيندو آهي ۽ کيس پنهنجي يادداشت ۾ محفوظ ڪيل منظر نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه خوش قسمت ماڻهو ان مرحلي مان بچي زندگي ڏانهن واپس اچي ويندا آهن پر اڪثريت کي انهن جي ناهي هوندي اهو معاملو مرد، عورت، ٻار، پوڙهي سڀني سان ساڳيو پيش اچي ٿو.

ڪجهه انساني دماغ عام دماغن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نيوروٽرانسميٽرز ڇڏيندا آهن جنهن سان مرندڙ انسان بقاعده مرڪندو نظر ايندو آهي ۽ اهڙا واقعا به ٻڌڻ لاءِ ملندا آهن ته فلاڻو لاڏاڻي وقت مرڪي رهيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.