اٽڪل هڪ هزار سالن بعد نئون چنڊ ڌرتي جي سڀ کان ويجهو پهچندو.
ناسا جي Jet Propulsion Laboratory جي ڊيٽا جي جاچ پڙتال کانپوءِ جاري ڪيل رپورٽ موجب 992 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ايڪويهين جنوري 2023ع تي نئون چنڊ ڌرتي جي بنهه ويجهو اچي ويندو.
21 جنوريءَ تي نئون چنڊ زمين کان ٻه لک ايڪويهه هزار پنج سئو ايڪهٺ ميل پري هوندو ۽ ائين آخري ڀيرو ٽي ڊسمبر 1030ع تي ٿيو هو.
نيٺ صدين پڄاڻان چنڊ ڌرتيءَ جي ايڏو ويجهو ڇو اچي رهيو آهي؟ ته ان جو جواب اِهو آهي ته چنڊ زمين چوڌاري هڪ دائري ۾ نه پيو ڦري.
چنڊ جو مدار بيضوي آهي انڪري ئي چنڊ ۽ زمين جو وچ وارو فاصلو هر مهيني هوريان هوريان بدلجندو رهندو آهي.
چنڊ جي مدار ۾ اِهو هنڌ جتي چنڊ ڌرتيءَ تمام ويجهو اچي ويندو آهي، ان کي سائنسي ٻولي پيريگي چيو ويندو آهي جڏهن ڏورانهين هنڌن کي اپوجي چوندا آهن.
اٽڪل هڪ هزار سالن کانپوءِ چنڊ زمين جي تمام ويجهو اچي رهيو آهي پر اِهو اسان کي نطر نه ايندو، ها پر 22 جنوري تي اوهان آسمان تي زهرا ۽ زهل کي دوربين وسيلي ضررو هڪ ٻئي سان جڙيل ڏسي سگهندئو.