نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ويلنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) جي وزيراعظم جيسينڊا آرڊرن پنهنجي عهدي تان اسعيفيٰ ڏئي ڇڏي، استعيفيٰ جو اعلان پارٽي جي سالياني دوران ڪيو.

ان ڳالهه جو اعلان ڪندي جيسينڊا آرڊرن جذباتي نظر آئي ۽ سندس آواز ڀرجي آيو، هن تفصيل سان ٻڌائيندي چيوته وزيراعظم طور ڇهه سال سندس لاءِ ڪيترا چئلينجنگ رهيا ۽ ان جو سندس شخصي تي ڪهڙو اثر پيو.

42 ورهين جي جيسينڊا آرڊرن چيو ته اونهاري جي موڪلن دوران ان ڳالهه تي غور ويچار ڪيو هو ته ڇا مون ۾  اڃا وزيراعظم جو منصب جاري رکڻ جي توانائي موجود آهي؟  پر هاڻي ان نتيجي تي پهتي آهيان ته ائين نه آهي ۽ اهڙين حالتن ۾ منهنجو وزيراعظم طور ڪم جاري رکڻ نيوزيلينڊ جي حق ۾ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

2017ع  ۾ چونڊجڻ بعد جيسينڊا آرڊرن 37 ورهين جي عمر ۾ دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر واري وزيراعظم جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو هو جڏهن ته هوءَ ٻي ليڊر هئي جنهن وزارت عظميٰ دوران ٻار کي جنم ڏنو.

هوءَ مُلڪ جي وزيراعظم طور ست فيبروري تائين فرض سرانجام ڏيندي جڏهن ته نيوزيلينڊ ۾ عام چونڊون آڪٽوبر ۾ ٿينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.