ننڍي چونڊ: عمران خان قومي اسيمبلي جي سمورن تڪن تان ڪامياب قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪيمشن پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي قومي اسيمبلي جي سمورن تڪن مان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن عمران طرفان چونڊ خرچن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي نوٽيس ورتو هو جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ پنج رڪني ڪميشن محفوظ فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جي ستن تڪن تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جوحڪم ڏنو .

اليڪشن ڪميشن موجب عمران خان چونڊ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن تنهنڪري سندس دير سان تفصيل جمع ڪرائڻ واري عمل کي درگذر ڪيو ويو آهي.

اليڪشن ڪميشن عمران خان کي ننڍي چونڊ ۾ اين اي 22 مرادن، اين 24 چارسدا، اين اي 31 پشاور، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانا، اين اين 45 ڪرم ۽ اين 239 ڪورنگي مان ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.