ڪرڙي ۽ جيل جو خوف، عمران جو پشاور منتقل ٿيڻ جو فيصلو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبليون ٽوڙڻ کانپوءِ عمران خان کي ڪرڙيءَ ۽ جيل جو خوف ورائي ويو آهي.

نامياري صحافي موجب عمران خان جي ويجهن  ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته هن پشاور منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ته پنجاب ۾ عمران خان جي اعتماد واري نگران حڪومت اچڻ جا امڪان گهٽ ٿي ويا آهن ٻيو ته سنگين ڪيسن جون عدالتن ۾ ٻڌڻيون شروع ٿي ويون آهن.

عمران خان کي اهو به  احساس ٿي ويو آهي هاڻي کيس  ماضيءَ  جهڙي سهولت ڪاري ملڻ جا ڪي به امڪان ۽ آثار نه آهن. جڏهن ته پنجاب مان گرفتار ٿيو ته ڪارڪن يا عوام وڏي تعداد ۾ نه نڪرندو. جنهن جو اندازو  کيس  حملي مان بچي وڃڻ وقت ٿيو.

کيس اميد آهي ته پشاور مان گرفتار ٿيو ته اتي شايد ڪارڪن  ۽ عوام  مناسب  انگ ۾ روڊن تي نڪري اچي ۽ احتجاج جو ماحول جڙي سگهي ٻيو ته ڪي پي جي عدالتن مان کيس راهداري ضمانت ملڻ جي به اميد آهي. ان ڪري شايد  ! هڪ ٻن ڏينهن ۾ عمران خان پشاور منتقل ٿي وڃي.

نوٽ: امداد سومرو جو هي تجزيو روزاني عوامي آواز خميس 23-19-01 تي شائع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.