ڪراچي( رپورٽر) ناليوارو محقق، تاريخ دان ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي جو ميمڻ ڳوٺ اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي. ڊي جي ڪلچر منور علي مھيسر ۽ ٻين اسپتال پهچي گل حسن ڪلمتي جي عيادت ڪئي ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو ۽ مڪمل علاج ڪرائڻ جي پڻ آڇ ڪئي. هن ٻن لک رپين جو چيڪ پڻ ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڪلچر حبيب الله ميمڻ صاحب ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سليم سولنگي پڻ ڊي جي ڪلچر سان گڏ هئا. 03