پرويز-حمزا نااتفاقي، پنجاب نگران سيٽ اپ ۾رولڙو

لاهور (م ڊ) پنجاب جي نگران وڏي وزير جي مقرري واري معاملي تي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز جي وچ ۾اتفاق نه  ٿي سگهيو، نتيجي ۾ فيصلو پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر وٽ هليو ويو.پي ٽي آءِ پارلياماني ڪميٽي لاءِ راجا بشارت، ميان اسلم اقبال ۽ هاشم جوان بخت جا نالا اسپيڪر کي موڪلي ڇڏيا. اپوزيشن ليڊر حمزا شهباز ملڪ نديم ڪامران، حسن مرتضيٰ ۽ ملڪ احمد خان جا نالا موڪليا.پارليماني ڪميٽي به ٽن ڏينهن ۾ فيصلو نه ڪري سگهي ته پوءِ نگران وڏي وزير جو فيصلو اليڪشن ڪميشن ڪندو.تحريڪ انصاف نگران وڏي وزير لاءِ نصير احمد خان، احمد نواز سکيرا ۽ ناصر سعيد کوسو جا نالا ڏنا هئا.ن ليگ محسن نقوي، احد چيما ۽ احسن ڀون جا نالا ڏنا هئا، جن مان ناصر سعيد کوسو ۽ احسن ڀون نگران وڏي وزير بڻجڻ کان معذرت ڪري چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.