سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي:رياض چانڊيو

حيدرآباد (پ ر )جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته ھڪ رٿا تحت سن تي حملو ڪيو ويو سيد جي پرامن سالگرھ  جي رستا روڪ ڪري سرڪار گوليون وسايون ھٿين خالي ڪارڪن تشدد جو نشانو بڻائي لاقانونيت جي انتھا ڪئي وئي ملڪ ۾ قانون نالي ڪا شيء ناھي مڪمل غنڊا راڄ مڙھيل آھي سمورا انساني حق ۽ انساني آزاديون سلب ڪيون ويون آھن اسان جي سياست تي اڻ علانيل بندش آھي ،هن چيو ته  پنجاب جي دائمي مفادن جو تحفظ ڪندڙ سنڌ سرڪار سنڌ جي ماڻھن کي ديوار سان لڳائي رھي آھي زرداري جي ظلم ۽ ناانصافين کي لڪائي سنڌ جي قومي حقن جي ڳالهھ ڪندڙن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي سن جي اندر ڊگھي عرصي کان سرڪاري فرمانن ذريعي اسان کي پنھجي رھبر جا ڏھاڙا ملھائڻ نٿا ڏنا وڃن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.