قرض ملڻ باوجود مهانگائي 35 سيڪڙو تائين پهچي ويندي:حفيظ پاشا

اسلام آباد(م ڊ) ناڻي واري اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر حفيظ پاشا خبردار ڪيو ته ڊيفالٽ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي 70  سيڪڙو تائين وڌي سگهي ٿي، معيشت امڪاني طور تي 2023ع ۾ شديد ڄمود جو شڪار رهندي، پاڪستان انڊسٽريل اينڊ ٽريڊرز ايسوسيئيشنز فرنٽ جي ميمبرن سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي ادارن پاران قرض بحال ٿيڻ باوجود مهانگائي گهٽ ۾ گهٽ 35 سيڪڙو تائين وڌي ويندي، جنهن ۾ پيٽروليم ليوي 50 رپيا في ليٽر، بجلي اگهن ۾ 40 سيڪڙو واڌ، گئس اگهن ۾ ٻيڻ تي واڌ، مارڪيٽ تي ٻڌل ناڻي جي مٽاسٽاواري شرح واري پاليسي شامل آهن، هن چيو ته حڪومت سڌارن تي عمل نه ڪيو ته اهو آءِ ايم ايف پروگرام جي خاتمي جو سبب بڻجندو ۽ملڪ جو سرمايو عملي طور تي خشڪ ٿي ويندو، هن چيو ته پاڪستان جو مهانگن غيرملڪي قرضن تي ڀاڙڻ تباهه ڪندڙ رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.