نئين آرمي چيف سان ناتا ناهن، حڪومت اپريل ۾ چونڊن تي مجبور ٿي ويندي: عمران خان

لاهور ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان چيو آهي ته هُن جي نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ڪا رليشن شپ نه آهي.برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته اڄ تائين ڪو اهڙو سياسي اڳواڻ آيو آهي جنهن  پنهنجي ئي حڪومت ختم ڪري ڇڏي هجي، صاف ۽ شفاف اليڪشن لاءِ  اسان پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، اڳڪٿي ڪيان ٿو ته ڇا به ٿئي وفاقي سرڪار اپريل ۾ عام چونڊون ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندي.هن چيو ته موجودا حڪومت قانون جي بلادستي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا آهن، پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي، سڀ چوريون معاف ڪرائي ڇڏيون آهن.عمران خان چيو ته  مٿن جيڪي به ڪيس هئا اُهي سندن ئي حڪومتي دورن ۾ داخل ٿيا هئا،شهباز، نواز، زرداري ۽ مريم سڀ بچي ويا آهن، سندن مقصد رڳو پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻ آهي.هن چيو ته موجودا سرڪار چونڊن ذريعي نه آڪشن ذريعي آئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت هارس ٽريڊنگ ذريعي آئي آهي،  ڪروڙين رُپين ۾ ماڻهو خريد ڪيا ويا.اڳوڻي آرمي چيف جنرل ( ر ) قمر باجوا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هن چيو ته جنرل باجوا موجودا حڪمرانن کي اسان مٿان مڙهڻ لاءِ سندن مدد ڪئي، انهن يارنهن سئو ارب رُپين جي ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرايا.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان جي معيشت جو ٻيڙو ٻوڙي ويو، تاريخ ۾ پاڪستان جو معاشي حالتون اهڙيون ناهن رهيون جهڙيون اڄ آهن، ڪو ملڪي سيڙپڪاري، ڪاروبار شخصيت مٿن اعتماد نٿو ڪري، پرڏيهي سيڙپڪار به انهن تي اعتماد نٿا ڪن.هن چيو ته پاڪستان ڌٻڻ ۾ ٻڏندو پيو وڃي، سريلنڪا جهڙي صورتحال کان بچڻ جو هڪ ئي حل آهي صاف شفاف چونڊون.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان کي اِهو خطرو آهي ته جنهن نموني اسان جي معيشت ڏينهون ڏينهن ڪِري رهي آهي، ذخيرا چار ارب ڊالرز تي اچي پهتا آهن، بندرگاهه تي چار ارب ڊالرز جون شيون سڙي رهيون آهن ڪير کڻڻ لاءِ تيار نه آهي، شيون مهانگيون ٿي رهيون آهن، بيروزگاري وڌي رهي آهي، فيڪٽريون بند ٿي رهيون آهن.هن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پورو زور لڳايو ته پرويز الاهي ن ليگ جو وڏو وزير بڻجي وڃي پر پرويز الاهي اسان سان وفاداري نڀائي ، هاڻي ائين آهي ته هو پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿي اسان جي پارٽي جو حصو ٿي ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.