دوائن جي بحران جو خدشو، ايل سيز نه کلڻ سبب 25 سيڪڙو دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون بندٿيڻ واريون

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان فارماسوٽيڪل مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين فاروق بخاري چيو آهي ته ملڪ ۾ 25 سيڪڙو دوائون ٺاهيندڙ ادارن جي غيرفعال  ٿيڻ جي نوبت اچي وئي آهي، ٻين ڪمپنين وٽ 15 ڏينهن جو خام مال رهجي ويو آهي، جيڪڏهن ڪمپنين کي وقت سر خام مال جي ادائيگي نه ڪئي وئي ته وڌيڪ ڪمپنيون بند ٿي  وينديون ۽ دوائون ٺاهيندڙ ادارن جا سوين ملازم بيروزگار ٿي ويندا، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن حڪومت کي اپيل ڪئي ته اها دوائن جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال ۽ جان بچائيندڙ طبي سازسامان جي درآمد کي ٻيهر شروع ڪرڻ  لاءِ هنگامي قدم کڻي، بئنڪن وٽ ڊالر جي کوٽ سبب خام مال ۽ طبي سازسامان جي درآمد ۾ مسلسل رڪاوٽ اچي رهي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.