امپورٽ جو دٻاءُ آهي پر ان لاءِ ڊالر اڻپورا آهن: اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو آهي ته  امپورٽ جو دٻاءُ آهي پر ان لاءِ ڊالر اڻپورا آهن، ڊالر ڏسي امپورٽ جو فيصلو  ڪندا آهيون، ايندڙ هفتي کان ڊالر ايندا ته ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا وڌڻ شروع ٿي ويندا. فيڊريشن آف پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز (ايف پي سي سي آءِ) ۾ خطاب ڪندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته اسان کي ڪاروبار جي سهولت ڏيڻي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب اسان کي ڪجهه قدم کڻڻا پيا. هن چيو ته اسان جي امپورٽ گهٽ ٿي آهي، 33 هزار ايل سيز جا ڪيس ڪليئر ڪيا آهن، ايل سي کي جاچڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي، ايل سيز جلد کولينداسين.سندس موجب بئنڪن کي چيو آهي ته خوراڪ، دوائن ۽ تيل کي ترجيح ۾ رکن، اسان ايڪسپورٽ لاءِ امپورٽ مال کي ترجيح ڏني آهي، زرعي شعبي لاءِ امپورٽ ۾ سهولت پيدا ڪري رهيا آهيون، وڌيڪ ڊالر ايندي ئي وڌيڪ امپورٽس کي سهولت ڏيڻ جو منصوبو آهي، ڊالر کي ڏسندي ئي امپورٽ جو فيصلو ڪرڻو پوندو آهي.اسٽيٽ بئنڪ گورنر چيو ته جيڪڏهن امپورٽر ڊالر جو بندوبست ڪن ٿا ته اسان کي اعتراض نه هوندو، ايڪسپورٽرز کي پنهنجي ڊالرن سان امپورٽ جو بندوبست ڪرڻ جي اجازت آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.