گم ڪيل 12 شهرين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾12 شهرين جي جبري گمشدگي ثابت ٿيڻ کان پوءِ معاوضي واري ڪيس ۾ سنڌ حڪومت معاوضي  جي ادائگي واري رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گم ڪيل ماڻهن جي جبري گمشدگي ثابت ٿيڻ کان پوءِ سندن وارثن کي 5-5 لک رپيا معاوضو ادا ڪيو آهي.وڏي وزير جي منظوري کان معاوضو ادا ڪيو ويو آهي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ آڏو ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جو چوڻ هو ته 12 ماڻهن جي جبري گمشدگي ثابت ٿي آهي.عدالت چيو ته اها بدقسمتي چئبي ته پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا گم ڪيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائي سگهيا، گم ڪيل شهرين جي وارثن کي جيڪو معاوضو ڏنو پيو وڃي،اهو سنڌ حڪومت پاران ڏنو پيو وڃي.عدالت ۾ عورتن جو چوڻ هو ته اسان 10سالن کان عدالت ۾ پنهنجي مڙسن جي بازيابي لاءِ اچي رهيون آهيون، مڙس جي بغير ٻارن جي پرورش ڪرڻ مشڪل آهي، اسان معاشي طور تنگ ٿي چڪا آهيون، حڪومت کي معاوضو ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته اسان جي سئو سيڪڙو همدرديون اوهان سان گڏ آهن.عدالت پوليس کي چيو ته ڪجهه به ڪري گم ڪيل ماڻهن کي تلاش ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.عدالت ٽن هفتن ۾ پوليس سميت ٻين ادارن کان رپورٽ گهري ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.