اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسيءَ ن ليگ ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.کيس جماعت جي 15 ايم اين ايز ۽ پنڊي ريجن جي حمايت حاصل آهي.هڪ نجي ٽي ويءَ سينيئر صحافي عارف حميد ڀٽي جي حوالي سان چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي مفتاح اسماعيل کي هٽائڻ ۽ گذريل 8 مهينن دوران پاڻ کي سائيڊ لائن ڪري ڇڏيو آهي.سينيئر صحافي عارف حميد ڀٽي موجب شاهد خاقان عباسي ڪراچي ۾ 3 اجلاس ڪيا آهن ۽ هو نئين جماعت ٺاهي رهيو آهي، مفتاح اسماعيل به هن سان گڏ هوندو.