35 استعيفائن جي منظوري سمجهه کان مٿي آهي: پلڊاٽ

اسلام آباد(م ڊ) آئيني ۽ پارلياماني معاملن جي ماهر ۽ پلڊاٽ جي سربراهه احمد بلال محبوب چيو آهي ته هو قومي اسيمبلي اسپيڪر پاران  پي ٽي آءِ جي استعيفائن جي منظوري کان سمجهڻ کان لاچار آهي، ٽوئيٽر تي هن چيو ته امن استعيفيٰ ڏيندڙ پي ٽي آءِ جي 125 مان 35 ايم اين ايز جون استعيفائون منظور ڪرڻ جو منطق سمجهڻ کان لاچار آهي، هن چيو ته جيڪڏهن 70 کان وڌيڪ پي ٽي آءِ ميمبر جيڪي فني طور تي اڃا به اسيمبلي ميمبر آهن، ايوان ۾ واپس اچي وڃن ته پارلياماني پارٽي جي سربراهه ۽ مخالف ڌر جا عهدا واپس وٺي سگهن ٿا، پوءِ 35 استعيفائون منظور ڪرڻ جو فائدو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.