اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ مسلسل ٽئين مهيني گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، نومبر 2022ع ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 5.49 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ڊان اخبار جي رپورٽ ۾ شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ مسلسل ٽئين مهيني تنزلي ٿي جنهن سان خاص طور تي ٽيڪسٽائل سيڪٽر ۾ ملازمتون ختم ٿيڻ جي حوالي سان خدشا جنم وٺي رهيا آهن، رپورٽ موجب صنعتي پيداوار ۾ گهٽتائي اشارو آهي ته ايندڙ ٽه ماهي ۾ معاشي اوسر ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.