ڪراچي ۾ چونڊ نتيجن تي ڇڪتاڻ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو،جماعت جا ڌرڻا

ڪراچي ( رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي نتيجن ۾ دير خلاف شهر جي مختلف هنڌن تي احتجاج ڪيو ويو، ڪياماڙي ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جماعت اسلامي مختلف  هنڌن تي ڌرڻا هنيا.  ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ ضلعي رٽرننگ آفيس ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪياماڙي ۾ پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوارن ڪارڪنن سان گڏ ڊي آر او آفيس تي ڌرڻو هنيو ۽ مطالبو ڪيو ته اسان کي فارم 11 ۽ 12 ڏنا وڃن. پي ٽي آءِ سنڌ جو صدر علي زيدي ڪراچي جي صدر بلال غفار سان گڏ ڪياماڙي جي ڊي آر او آفيس پهتو، جنهن دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن هڪ ٻئي خلاف سخت نعريبازي ڪئي، جنهن بعد ٻنهي طرفن کان لٺين، ۽ مڪن جو استعمال ڪيو ويو. مڇريل مظاهرين ڊي آر او آفيس تي پٿراءُ پڻ ڪيو، جنهن سبب آفيس جي دروازن ۽ دروازن کي به نقصان پهتو. ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن پٿراءُ پڻ ڪيو، .جنهن کانپوءِ ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري پاڻ پوليس اٽالا ساڻ  ڪري ڊي سي آفيس پهتو ۽ واٽر ڪين پڻ گهرايو ويو پر صورتحال تي ڪنٽرول ڪيو ويو جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن پنهنجن اڳواڻن کي  وٺي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته علي زيدي ۽ بلال غفار تي پ پ جي ڪارڪنن پاران حملو ڪيو ويو، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو ويو ۽ علي زيدي  اچي ڪارڪنن کي ڀڙڪايو .   ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪراچي جي علائقي ڪياماڙي ۾ ڊي آر او آفيس ٻاهران هڙتال جو نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو..  هوڏانهن جماعت اسلامي ملير هالٽ ۽  يونيورسٽي روڊ  وٽ احتجاج ڪندي ڌرڻا هنيا. پي ٽي آءِ حبيب بئنڪ چورنگي وٽ ڌرڻو هنيو، جتي پ پ ڪارڪن به موجو د هئا، ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ ڇڪتاڻ ٿي وئي. پوليس پهچي ڌرڻو ختم ڪرايو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.