اميدوارن جي ڪاميابي چئلينج، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ٻڌڻي کان انڪار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان ڪريم جي ٻه رڪني بئنچ مڪاني کاتي جي ٽن جنرل ڪائونسلرن جي مختلف ڌر جي  اميدوارن جي ڪاميابي کي چئلينچ ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بئنچ جو چوڻ هو ته اسان جي بئنچ سروس ڪيس هلائي رهي آهي، اوهان لاڳاپيل بئنچ سان رجوع ڪريو. درخواست گذار تحريڪ انصاف جي ساجد الرحمان يوسي 2 وارڊ هڪ ڪياماڙي ٽائون تان مڪني چونڊ ۾ حصو ورتو.اليڪشن ڪميشن نتيجو بدلي ڪري پ پ اميدوار عبدالرئوف کي ڪاميباب قرار ڏنو.ساجد الرحمان 245 ۽ عبدالرئوف 202 ووٽ حاصل ڪيا.جماعت اسلامي جي سيد شير وارڊ نمبر 4 يو سي ٽو بلديا ٽائون تان چونڊن ۾ حصو ورتو، سيد شير جا 107 ۽ پ پ اميدوار وزير محمد 102 ووٽ حاصل ڪيا، نعمت خان يوسي 2 وارڊ نمبر 2 اتحاد ٽائون تي چونڊن ۾ حصو ورتو، نعمت خان 443 ووٽ کنيا جڏهن ته پ پ جي شمير احمد کي 377 ووٽ مليا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.