جماعت اسلامي جو رويو غيرجمهوري آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (رپورٽر) پ پ اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته حافظ نعيم ٻين تي آڱر نه کڻي، ٻين جي هٿ ۾ پٿر ٿي سگهن ٿا، اڪثريت کي تسليم ڪيو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ جماعت اسلامي جي غير مشروط حمايت جو اعلان ڪيو آهي ته جماعت اسلامي کي اتحاد ڪرڻ کان ڪير نه پيو روڪي، پ پ ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهي پر جماعت اسلامي جي رويي کي غير جمهوري سمجهون ٿا، حافظ نعيم کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، اڪثريت کي قبول ڇو نٿا ڪيو، جيڪڏهن ڌانڌلي ڪرائڻي هجي ها ته نتيجا نه اچن ها.هن چيو عوام کي حق آهي ته اهو ڪنهن کي به ووٽ ڏئي، پ پ وڌيڪ سيٽون کنيون آهن، ٻئي نمبر تي جماعت اسلامي آهي، اڳ ۾ چئي رهيا هئا پ پ چونڊن کان ڀڄي رهي آهي، هاڻ کٽيا آهيون ته اعتراض ڇو؟سندس چوڻ هو ميئر جي چونڊ سيڪريٽ ووٽنگ سان ٿيندي، مخصوص سيٽن کانپوءِ صورتحال واضح ٿيندي ته ڪنهن وٽ اڪثريت آهي، ميئر جي اميدوار بابت مخصوص سيٽون پوريون ٿيڻ کانپوءِ فيصلو ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.