ميهڙ مان چيئرمين جي چونڊ وڙهندڙ پي ٽي آءِ اميدوار گرفتار، هڙتال ۽ ڌرڻو

ميهڙ (رپورٽ:فراز چنو) ميهڙ ۾ مڪاني چونڊ کٽي اچڻ تي پي ٽي آءِ خلاف انتقامي ڪارروايون شروع ٿي ويون. دادو ضلعي  پوليس جي سوين اهلڪارن ڪڙو چاڙهي پي ٽي آءِ اڳواڻ جي گهر جو دروازو ٽوڙي اندر داخل ٿي پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪميٽي لاءِ  چيئرمين جي نامزد اميدوار نياز ٻرڙو  کي گرفتار ڪري ورتو.هوڏانهن نياز ٻرڙو جي گرفتاريءَ خلاف  ميهڙ ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي جڏهن ته لياقت جتوئي،  ااڳوڻي سينيٽر صداقت جتوئي، ڊاڪٽر غلام عباس مھيسر ، وڪيل ساجد ڳورڙ، شھيد ڀٽو جي ستار چنو، جي يو آءِ جي مولانا مسعود پنھور، قومي عوامي تحريڪ جي مير کوسو، پي ٽي آءِ جي چونڊيل چيئرمين اربيلو مھيسر ، انجنيئر ظفر جتوئي. ميونسپل ميھڙ جي چونڊيل ڪائونسلر جي اڳواڻي ۾پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن، واپارين، شهرين ۽ سول سوسائٽي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسي ٽرئفڪ معطل رهي. ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته جيستائين چونڊ نتيجا جاري نه پيا ڪيا وڃن ۽ نياز ٻرڙو کي آزاد نه ٿو ڪيو وڃي تيستائين احتجاج جاري رھندو.هنن چيو ته حڪمران اقتدار ويندي ڏسي وائڙائپ جو شڪار ٿي ويا آهن، اي ٽي ايم مشين طور استعمال ٿيندڙ ميونسپل ڪاميٽي کسجڻ تي ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن.هوڏانهن ڇهن ڪلاڪن بعد پي ٽي آءِ اميدوار نياز ٻرڙو جي گرفتاري ظاهر ڪئي وئي.جڏهن ته پي ٽي آءِ اميدوار نياز ٻرڙو، هاشم ٻرڙو ۽ زبير سمون تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ۽ هٿيار رکڻ جا 2 ڪيس داخل ڪيا ويا، نياز ٻرڙو خلاف هڪ ڪيس ايم پي اي فياض ٻٽ جي ڀاءُ امتياز ٻٽ جي فرياد ۽ ٻيو ڪيس ميهڙ پوليس جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. 3 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته نياز ٻرڙو ۽ ٻين فائرنگ ڪري ڏهڪاءُ پکيڙيو ۽ اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون.ٻئي طرف نياز ٻرڙو سميت 3 ڄڻن کي نوشهرو فيروز جي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا. عدالت پوليس کي ڇنڊ پٽيندي ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪندي گرفتار جوابدار نياز ٻرڙو کي سيشن ڪورٽ دادو ۾پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.