دادو ۾ پي ٽي آءِ جو نياز ٻرڙو جي گرفتاري خلاف ڌرڻو

دادو(عوامي آواز نيوز) دادو ۾ تحريڪ انصاف پاران ميهڙ جي اڳواڻ ۽ ميونسپل ڪاميٽي ميھڙ جي چونڊيل ميمبر نياز احمد ٻرڙو جي بنا  جواز گرفتاري ۽ سندس مٿان  ڪيس داخل ٿيڻ خلاف سوين ڪارڪن هٿن ۾ پارٽي  جا جهنڊا کڻي دادو ۾  ايس ايس پي موڙ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري دادو پوليس خلاف سخت نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي  اڳواڻن  عاشق  حسين زنئور، نور جويو، مشتاق چنا،ظهير چانڊيو، امتياز ڏاوڇ، راجا وقار لاشاري ۽ ٻين چيو ته دادو جي  ايس ايس پي عبدالخالق پيرزادو  حد ڪري ڇڏي آهي رات جي پيٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ميونسپل ڪاميٽي  ميھڙ جي نامزد ڪيل چئرمين نيازاحمد ٻرڙو مٿان مڪاني چونڊ کٽڻ  جي ڪري مٿس  ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سندس گهر جي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪري کيس گهر مان گرفتار ڪري اي ٽي سي جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪيو آهي، ان پوليس گردي خلاف سوين ڪارڪن  دادو، ميهڙ ۾ سرپا احتجاج بڻيل آهن،  اڳواڻن جو چوڻ آھي  ھو  ته ايس ايس پي دادو  پ پ پ جي نمائندن جي ونگاري بڻجي ويو آهي جيڪو پگهار عوام جي ٽئڪس مان وٺي ٿو پر غلامي پيپلز پارٽي جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي ڪري ٿو، ميهڙ جي شريف واپارين ۽ شھرين جو هڏ ڏوکي نياز احمد ٻرڙو کي ان ڪري گرفتار ڪيو ويو آهي جو ميهڙ ۾ پ پ کي بلدياتي اليڪشن۾ عبرت ناڪ شڪست ملي  ،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.