ڏيپلو ۾ پرڻيل ناريءَ جو موت ڪيئن ٿيو؟:جاچ جو حڪم

ڏيپلو (رپوٽ: ساگر ڏيپلائي) ڏيپلو شهر جي ناري تلڪا گرڙو مهاراج پنهنجي پيڪن مان ٽي ڏينهن اڳ ساهرن وٽ پهتي ته ٻئي ڏينهن  تي مائٽن کي ڳوٺ کينڪنيون ۾سندس فوتگي جو اطلاع مليو، جنهن بعد مائٽ آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ بعد واپس روانا ٿي ويا. ٻه ڏينهن گذرڻ بعد سوشل ميڊيا تي ناري کي مبينا تشدد ڪري قتل ڪرڻ جا چؤٻول هلڻ لڳا، جنهن تي ايس ايس پي ٿرپارڪر عابد بلوچ نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر غلام مصطفيٰ ٿيٻو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري ٽن ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جيڪو ٽي ڏينهن ۾ رپورٽ پيش ڪندو. ناري تلڪا 16 جنوري تي مائٽن جي گهران ڳوٺ کينڪنيون مان ساهرن جي ڳوٺ ڏيپلو شهر ۾ وئي هئي. جتي ٻئي ڏهاڙي موت جو اطلاع وارثن کي مليو، ناري جي جئه ڪمار سان هڪ سال اڳ شادي ٿي هئي. ٻئي پاسي ناري جي ڪاڪي ڏاڏو اسٽامپ وينڊر راوت عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ناري تلڪا مهاراج منهنجي وڏي ڀاءُ جي پوٽي هئي، جيڪا ڏيپلو ۾ پرڻايل هئي، ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺان ساھرن جي گهر ڏيپلو وئي هئي. هڪ ڏينهن بعد ساهرن فون ڪري چيو ته دل جو دورو پوڻ سبب ناري فوت ٿي وئي آهي. هن چيو ته اسان کي قتل جو ڪو به شڪ نه آهي. اسان کي به ٻين ماڻهن اطلاع ڏنو ته سوشل ميڊيا تي قتل جي خبر هلي پئي. جڏھن ته اسان ان بابت ڪجهه نه ٿا چئي سگهون ۽ نه ئي اسان کي قتل جو شڪ آهي. جيڪڏهن ايس ايس پي ٿرپارڪر نوٽيس ورتو آهي ته ڀلي جاچ ڪئي وڃي. جڏھن ته ناري جي سھرو شنڪر رتن جو چوڻ آھي ته شوشل ميڊيا تي خبرون ھلن پيون اسان ننهن کي ڇو مارينداسين ۽ اسان جون نياڻيون انھن جي گھرن ۾ آھن ۽ اسان جي گهرن ۾ انھن جون نياڻيون آھن سو ناريءَ رات جو سور جي شڪايت ڪئي، اسان ڪوشش ڪئي اسپتال پھچائڻ لاءِ پر ناري دم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.