ڍاڍر ۾ گئس پائيپ لائن تباهه، هوشاب ۽ تلسر ۾ آپريشن

راولپنڊي(م ڊ) آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز هوشاب ۽ تلسر ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن ڪيو جنهن دوران  فائرنگ جي ڏي وٺ جي نتيجي ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. دهشتگردن خلاف آپريشن دوران وڏي تعداد ۾ ديسي بم، هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ مليو آهي. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جي خاص هيليڪاپٽرن ذريعي فوج علائقي ۾ داخل ٿي. آپريشن جو مقصد دهشتگردن جي ڳجهن ٺڪاڻن کي ختم ڪرڻ هو، هوڏانهن بلوچستان جي ضلعي ڪڇي ۾ ڌماڪي سان متاثر ٿيندڙ گئس پائيپ لائن جي مرمت جو ڪم شروع ڪيو ويو، هڪ اهلڪار مطابق 12 انچ قطر جي پائيپ لائن کي ڍاڍر جي علائقي سراج آباد ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن ڌماڪي خيز مواد سان اڏائي ڇڏيو هو، پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي ان واقعي جي ذميواري قبول ڪئي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.