راولپنڊي (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي پنجگور جي چڪاب سيڪٽر ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي حملي ۾ سڪيورٽي فورسز جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايراڻي سرحد تان پنجگور ۾ دهشتگردي جي ڪارروائي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي نشانو بنائڻ جي لاءِ ايران جي زمين استعمال ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جي قافلي کي بارڊر تي گشت دوران نشانو بنايو ويو. ايران کان دهشتگردن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.03