اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي عدالت ڊيٽا ليڪ ڪيس ۾ صحافي شاهد اسلم جي گرفتاري کان پوءِ ضمانت منظور ڪري ورتي. اسپيشل جج سينٽرل ڊيٽا ليڪ ڪيس ۾ صحافي شاهد اسلم جي ضمانت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.صحافي شاهد اسلم طرفان وڪيل راجا قدير ۽ احد کوکر عدالت ۾ پيش ٿيا.عدالت صحافي شاهد اسلم جي ضمانت منظور ڪندي کيس 50 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.