ڪراچي(عوامي آواز نيوز) گيسٽرو تي ضابطو نه آيو سول اسپتال دادو ۾ اعلاج جي سهولتن جي کوٽ سبب مريضن جون زندگيون داءُ تي لڳي ويون، دادو اسپتال جي ٻارن واري وارڊ ۾ گيسٽرو سبب نينگر فوت ٿي ويو، وارثن پاران عملي تي غفلت جو الزام هنيو ويو، هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي غفلت سبب 2 سالن جو بادل پٽ منظور برهماڻي فوت ٿي ويو، جڏهن ته وارث نينگر جو مڙھ ڳوٺ ڀائي خان برهماڻي کڻائي ويا