مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪري هارايو ويو، نتيجن کي رد ڪيون ٿا:ڄامشورو اتحاد جا اڳواڻ

ڄامشورو( ڊ ر ) ڄامشورو اتحاد اڳواڻن ملڪ چنگيز خان ڊاڪٽر سڪندر شورو ڊاڪٽر انور پلاري پير نديم شاھ جيلاني ڪانڀو خان برھماڻي حاجي رمضان پالاري عارب خان برھماڻي ڄامشورو ۾ ملڪ چنگيز جي رھائيشگاھ  مھراڻ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي تـ ڄامشورو ضلعي جي تعلقي ٿاڻو بولاخان ڪوٽڙي مانجھد ڄامشورو ٽائون ۾ وڏي پئيماني تي سرڪاري مشنيري ذريعي ڌانڌلي ڪئي وئي آھي ڪيتريون پولنگ اسسٽيشنز پنھنجي من پسند پنھنجن ووٽرن جي ڳڙھ ۾ رکرايون ويون، ڪافي پولنگن تي سرعام پ پ ونگاري ٽپا ھڻي رھيا ھئا اسان وٽ ثابتيون موجود آھن ٿاڻي بولاخان ڪوٽڙي ۾ پ پ اميدوارن کي کٽرائڻ لاء پولنگ ۾ آر او پرزائيڊنگ رٽرننيگ آفيسر سندن رشتيدارن کي ڊيوٽين مقرر ڪيو ويو جن انھن معرفت تير تي ٺپا ھڻيا ويا آھن ۽ ڪافي اسان جي ووٽرن کي سڄو ڏينھن مختلف بھانا ڪري بلا جواز  انتظار ڪرائڻ بعد دير سان ووٽ ورتا ويا ڪن کان نـ ورتا ويا جنھن سبب ھٿ وٺي ڄامشورو اتحاد اميدوارن کي ھارايو ويو آھي اسان اليڪشن کٽي وياسين پر ڏنڌليون ڪيون ويون اسان سڀ ثابتون موجود باقي انصاف جي اميد گھٽ آھي پر پوءِ بـ نااميد ناھيون،  اسان ھن اليڪشن کي نٿا مڃون ھن ضلعي ۾ ٻيهر چونڊ عدالتي نگراني ۾ ڪئي وڃي نـ تـ ٻئي صورت ۾عوامي رابطا مھم بعد احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.