بنيادي حقن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ گهرجي: جسٽس (ر) عارف خلجي

عمرڪوٽ (ن ع آ ) عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن ۽ ماڻهن کي جلد انصاف جي فراهمي ڪرڻ جي حوالي سان مسئلن جي متبادل مصالحتي قانوني طريقي حل ڪرڻ بابت عمرڪوٽ ضلعي انتظاميا، سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام، ليگل ايڊ سوسائٽي، مصالحه انٽرنيشنل سينٽر، سنڌ ليگل ايڊوائزر ڪال سينٽر جي گڏيل سهڪار سان مقامي هوٽل هال ۾ اسٽيڪ هولڊرز، روينيو ، عدالت، سول سوسائٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آگاهي جي حوالي سان سيمينار منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي جسٽس عارف حسين خلجي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس  ظفر احمد خان شيرواني، ڊسٽرڪٽ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالوحيد شيخ، ايڊيشنل سيشن جج غلام مصطفي ميتلو، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو، ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ، ڊسٽرڪٽ بار جي صدر محمد اظھر آرائين ۽ مختلف کاتن سان لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس عارف حسين خلجي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته مسئلن جي متبادل  مصالحتي طريقي سان ليگل ايڊ سوسائٽي جي تحت حل ڪرائڻ جو مقصد هڪ عام ماڻهو جي زندگي ۾ آساني پيدا ڪرڻ آهي ۽ عام ماڻهن خاص طور تي عورتن کي پنهنجن بنيادي حقن بابت ڄاڻ هجڻ گهرجي اهڙي طرح ڪميونٽي سطح تي ماڻهن کي بنيادي حقن بابت آگاهي فراهم ڪرڻ آهي ۽ چيو ته مصالحتي طريقي سان ڪيترائي پيچيده مسئلا باآساني سان حل ٿي سگهن ٿا. سيمينار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس ظفر احمد خان چيو ته عام ماڻهن جي مسئلن جو بنيادي حل  متبادل مصالحتي طريقي ۾ ئي آهي ان ڪري عام ماڻهن کي هن طريقي ڪار تي عمل ڪندي پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ گهرجن، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالوحيد شيخ چيو ته ضلعي عدالت عمرڪوٽ ۾ ماڻهن کي عدالتن مان انصاف جي فراهمي سان گڏوگڏ مصالحتي طريقي سان عام ماڻهن جا  مسئلا حل ڪرڻ تي پڻ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جئين هتان جي ماڻهن کي تڪڙو تڪڙو ۽ جلد انصاف فراهم ٿي سگهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو چيو ته مصلحتي طريقي سان  مسئلا حل ڪرڻ سان  عام ماڻهن کي تڪڙو ۽ جلد انصاف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ چيو ته پوليس ماڻهن کي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان قانوني تقاضائن کي نظر ۾ رکندي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن  عمرڪوٽ جي صدر محمد اظهر آرائين چيو ته ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن  هميشه  عدالتن ۾ عام ماڻهن کي تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. ليگل ايڊ سوسائٽي جي عباس علي ۽ سارا علي چيو ته هن پروگرام جي ذريعي عام ماڻهن کي  تڪڙو ۽ جلد انصاف فراهم ڪرڻ آهي ۽ چيو ته مختلف عدالتن ۾ 2.1 ملين مختلف ڪيسز التوا جو شڪار آهن جڏهن ته 3067ججز موجود آهن اهڙي طرح هڪ ڪيس کي اڪلائڻ ۾ 15سالن جو عرصو لڳي وڃي ٿو جيڪو پڻ فڪر جي ڳالهه آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.