غوثپور ويجهو هٿياربندن پاران 3 مينهون چوري، مزاحمت تي ڳوٺاڻا موٽر سائيڪلون به ڦرائي ويٺا

غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاھي ) غوثپور ڀرسان ڳوٺ واحد بخش بجاراڻي مان رات اڻڄاتل چورن پاران نظام ٽانوري جي گھر ۾ کاٽ ھڻي ٽي مينھون چوري ڪري ويا . ڀاڳين کي کڙڪي تي جاڳ ٿي ته گھرن ۾  مينھون موجود نه ھجڻ تي ڀاڳين پيرا کڻي جمال واري علائقي غريب آباد ۾ پھتا، تاڙ ۾ ويٺل ڏوھارين ڀاڳين مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڀاڳين کان  ٽي موٽر سائيڪلون به ھٿيارن جي زور تي ڦري ورتيون. پوليس کي بروقت اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس روايتي سستي جو مظاھرو ڪيو ۽ ڏوھاري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا  . واقعي خلاف ٽانوري برادري جي سوين ماڻھن انڊس ھاءِ وي بند ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاھرو ڪندڙ ولي محمد ٽانوري، عبد الله  ٽانوري ۽ محمد پناھه ٽانوري دانھيندي چيو ته ايس ايڇ او جمال سونارو جتوئي ڏوھارين سان مليل آھي، جنھن اسان جون موٽر سائيڪلون ڏوھارين کان ڦر ڪرايون آھن، واقعي واري ھنڌ موجود ھجڻ باوجود ڏوھارين خلاف ڪا به  قانوني ڪارروائي نه  ڪئي وئي ۽ فائرنگ ٻڌي اتان کسڪي ويا. هنن وڌيڪ چيو ته اسان غريب آھيون ڏوھاري طاقتور آھن انصاف ڪري چوري ٿيل ٽي مينھون ۽ ٽي موٽر سائيڪلون واپس ڪرائي ڏوھارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو. مظاھرين سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ ايس ايڇ او غوثپور پھتو جنھن مينھون ۽ موٽر سائيڪلون واپس ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرائي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.