ڪوٽڙي(ن ع آ)ڪوٽڙي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي تعلقي اڳواڻ لطيف ڀٽي طارق سومرو، غلام سرور ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڄامشورو پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ن موقعي تي اڳواڻن چيو ته ايس ايس پي ڄامشورو وزير اعليٰ سنڌ جي چرچ تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي آيل پر امن قومي ڪارڪنن مٿان بلا جواز سڌي فائرنگ، لٺ بازي ۽ شيلنگ ڪرائي جيڪو عمل ناقابل برداشت آهي انهن چيو ته سنڌ پوليس جي فائرنگ ۾ قومي ڪارڪن حنيف نھڙي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي ڄامشورو سميت واقعي ۾ ملوث ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو،