ڪنب ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجلي کانپوءِ گئس جي شديد لوڊشيڊنگ، احتجاج

ڪنب (رپورٽ: خدا بخش تمراڻي) ڪنب شھر ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ بجلي جيان سئي گئس ڪمپني وارن به ھٿرادو لوڊشيڊنگ جو سلسلو  وڌائي ڇڏيو، ٻچڙيوال ماڻهو بکي پيٽ مزدوري سانگي شھرن جو رخ ۽  اسڪولي ٻارڙا بغير ناشتي جي اسڪول وڃڻ تي مجبور  بڻيل آهن، ڪنب شھر ۽ ان جي ڀرپاسي جي  علائقن ۾ بجلي جيان  گئس جي به ھٿرادو لوڊشيڊنگ ٿيڻ لڳي آهي، گئس رڌپچاءُ واري  ٽائيم بند ھجڻ ڪري ٻچڙيوال مزدور ماڻهو بغير ناشتي جي مزدوري ڪري پنهنجن ٻچڙن جو پيٽ پالي رھيا آهن، گئس جي لوڊشيڊنگ صبح واري  ٽائيم ۾ ٿيڻ ڪري اسڪولي ٻارڙا بغير ناشتي جي اسڪول وڃي تعليم  پرائڻ تي مجبور آهن، شھرين ظھور احمد، مظھر حسين، برڪت علي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسان غريب آھيون، گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ سبب اسان سخت پريشان ٿي ويا آھيون، رڌ پچاءُ به صحيح نموني نٿو ٿي سگھي، جنهن ڪري مھانگي ريٽن تي ھوٽلن تان کاڌو خريد ڪرڻ تي مجبور آھيون، ھنن  سئي گئس کاتي جي اعليٰ عملدارن کان مطالبو ڪندي گھر  ڪئي ته ڪنب شھر ۽ ڀرپاسي جي  علائقن مان گئس جي ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي اسان جون تڪليفون ختم ڪري ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪندڙن خلاف قدم کنيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.