جهول لڳ ايڇ بي ايل جي عملدارن تي حملو، ڪپڙا ليڙون ليڙون

جهول( رپورٽ:غلام نبي ملوڪائي )جهول ڀرسان ڪرڪلي بس اسٽاپ تي قائم بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽر تي مستحق عورتن جي ايندڙ قسط مان پنج سئو کان ٻه هزار رپين جي ڪٽوتي جو سلسلو جاري هئڻ سبب ايڇ بي ايل ڊي ڊي سانگهڙ جعفر حسين پنهور پنهنجي ٽيم اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي رضا لسڪاڻي ؛ ڊپٽي ڊائريڪٽر دين محمد جوڻيجو  سان گڏجي دلشاد ڪميونيڪيشن؛ سروري ڪميونيڪيشن تي ڇاپو هنيو جتي سرعام مستحق عورتن جي ڪٽوتي ٿي رهي هئي، ڊائريڪٽر ايڇ بي ايل ڊي ڊي سانگهڙ جعفر حسين پنهور مستحق عورتن کان ڪٽوتي بابت بيان رڪارڊ ڪري رهيو هو ته اتي موجود ڊوائز ايجنٽ مافيا پاران مقرر ڪيل ايجنٽ عورتن ۽ مردن ڊائريڪٽر ايڇ بي ايل سانگهڙ جعفر حسين پنهور؛ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر علي رضا لسڪاڻي؛ ڊپٽي ڊائريڪٽر دين محمد جوڻيجو تي حملو ڪري ڏنو، موبائيل فون ڦري ورتا مارڪٽ ڪري سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ڪري ڦاڙي ڇڏيا، ايجنٽ مافيا خلاف وفاقي وزير شازيه عطا مري جي حڪم بعد گذريل رات دير سان ستن جوابدارن تي ڊيوٽي اٽڪاء جان کان مارڻ جو گناه  ڪيس ڊائريڪٽر ايڇ بي ايل سانگهڙ جعفرحسين پنهور جي  فرياد تي جهول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جهول پوليس امير علي ٻگهيو؛ امتياز علي ڀگهيو سميت چار ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.