خيرپور ڀرسان 7 مهينا اڳ مبينا اغوا ٿيل نوجوان بازياب

خيرپور(ڊ ر)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لقمان ڦاٽڪ وٽان 7 مھينا اڳ مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان بازياب ٿي گھر پھچي ويو ست مھينا اڳ  هٿياربند هٿيارن جي زور تي نوجوان الله رکيو اڄڻ کي لقمان ڦاٽڪ وٽان اغوا ڪري کڻي ويا هئا نوجوان الله رکيو اڄڻ کي اغوا ڪندڙ ٻٻرلوء باء پاس ڀرسان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جتان نوجوان گھر پھچي ويو ان سلسلي ۾ بازياب ٿي آيل الله رکيو اڄڻ ٻڌايو ته ست مھينا اڳ لقمان ڦاٽڪ وٽان چئن هٿياربندن اغوا ڪيو هو هٿيار بندن اڄ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، هن ٻڌايو ته مون کي صدام راڄپر , فھيم راڄپر , شميم راڄپر ۽ شوڪت جن سان دشمني هلندڙ هئي شڪ آهي ته منهنجي اغوا واري واقعي ۾ هو ملوث آهن خيرپور پوليس معاملي جي شفاف جاچ ڪري اغوا ڪارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.