گڏاپ مان اغوا ڪيل نينگري آزاد نه ٿي ، وارثن کي ڌمڪيون، احتجاج

گڏاپ (ن ع آ) ڪراچي جي الفلاح ٿاڻي جي حد مان پراسرار طور اغوا ٿيل 14 ورھين جي نينگري عائشا اڃا تائين بازياب نه ٿي سگھي آھي، ڪيس داخل ھجڻ ۽ جوابدارن جي نشاندھي باوجود پوليس اڃا تائين ڪابه ڪارروائي  نه ڪئي آھي ، پراسرار طور اغوا ٿيل نينگري جي وارثن کي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاء موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ان حوالي سان پراسرار طور اغوا ٿيل نينگري عائشا جي امڙ فاطما  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته  اسان جي نياڻي کي ورغلائي اغوا ڪيو ويو آھي جوابدار اسان جي پاڙي ۾ رھن ٿا الفلاح ٿاڻي جي پوليس جوابدارن جي نشاندھي ۽ ڪيس داخل ھجڻ باوجود ڪا به ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي ھنن وڌيڪ چيو ته ڪيس تان ھٿ کڻن لاء جوابدار آئي ڏينھن اسان جي گھر تي حملو ڪن ٿا ۽ تشدد ڪري موتمار ڌمڪيون ڏين ٿا پوليس گھر تي حملو ڪندڙ ھڪ جوابدار راشد کي گرفتار ڪري ورتو آھي جڏھن ته شريف‚ مير احمد‚ ذوالفقار  ۽ ٻيا جوابدار آزاد گھمن پيا جن کي پوليس گرفتار ڪرڻ لاء به تيار ناھي ھنن مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي معصوم نياڻي عائشا کي بازياب ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ـ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.