ايراني سيڙپڪارن لاءِ سنڌ ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن: ڄام اڪرام الله ڌاريجو

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان ۽ ايران جا گهرا تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي  ضرورت آهي. هن اها ڳالهه ايڪسپو سينٽر ڪراچي جي دوري جي موقعي تي چئي. واضح رهي ته برادر ملڪ ايران پاران ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ هڪ نمائش منعقد ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي سيڪريٽري صنعت ۽ واپار رشيد سولنگي به صوبائي وزير سان گڏ هئا. ايراني قونصل جنرل مهمانن جو استقبال ڪيو. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو. هن ايراني شين ۾ وڏي دلچسپي جو اظهار ڪيو. دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي صنعت ۽ گڏيل امداد کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ٻنهي اسلامي ملڪن جا پاڻ ۾ گهرا تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. ٻنهي برادر ملڪن جي وچ ۾ واپار جا به وسيع موقعا موجود آهن. هن چيو ته سنڌ ايراني سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪري ٿي. ايراني سيڙپڪارن سنڌ جي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۾ صنعتون قائم ڪيون. سنڌ حڪومت سندن سرمائي کي مڪمل تحفظ فراهم ڪندي. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته اهڙيون نمائشون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي هٿي ملندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.