خيرپور (س ر) خيرپور جي علائقي نارائي ڊکڻ محلي جي رهواسي پيرسن بخش علي ولد الهوڌايو سومرو مٿان پنهنجي نافرمان پٽن مختيار علي، محمد علي، نواز علي ۽ نادر علي سومرو طرفان مبينيٰ تشدد ڪري مارڪٽ ڪرڻ بعد کيس گهران ڪڍي ڇڏڻ واري معاملي ۾ خيرپور جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث نافرمان پٽن خلاف نوٽيس جاري ڪندي کين عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ٻاهران پيرسن بخش علي سومرو صحافين سان ڳالهائيندي ڄاڻائيو ته نافرمان پٽن مختيار علي، محمد علي، نواز علي ۽ نادر علي سومرو کي پيرن کان پني الله جي درٻار مان ورتو ۽ هاڻ جوان ٿي هنن ملڪيت جي لالچ ۾ اچي مون مٿان سخت تشدد ڪري مون کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، هن ڄاڻائيو ته عدالت مان انصاف ۽ نافرمان پٽن خلاف ڪاروائي جي اميد آهي