ٽنڊو آدم ۾ مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار

ٽنڊو آدم (  ن. ع  آ)  ٽنڊوآدم بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پيٽرولنگ دوران پوليس ۽ مبيناطور هٿياربندن وچ ۾ فائرنگ ٿي پئي۔ فائرنگ جي  نتيجي ۾ زخمي ٿيل هڪ جوابدار ميان بخش لنجواڻي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٻيا جوابدار گل خان عرف ڀورو لنجواڻي، علي غلام عرف نگر لنجواڻي ۽ لال خان عرف ڪارو لنجواڻي واقعي واري هنڌ تان فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا۔ پوليس جي شروعاتي جانچ دوران خبر پئي آهي ته پوليس مقابلي دوران زخمي ٿيل جوابدار ميان بخش ڦورن جي گروهه جو اڳواڻ آهي۔ جڏهن ته ٻيا 8 ڄڻا هن جا ساٿي آهن جيڪي ڪنهن واردات ڪرڻ لا۽ بيٺل هئا پوليس کي ڏسي فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ ڦورو زخمي ٿي پيو جنهن کي علاج لا۽ تعلقا اسپتال آندو ويو۔ پوليس مطابق ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٿاڻي جي حد مان ڪرنل منير جي زرعي زمين تان به ساڳئي گروهه هٿيارن جي زور تان چوڪيدار کي يرغمال بڻائي 10 عدد سولر پليٽون ڦري فرار ٿي ويا هئا۔ جنهن جو ڪيس پڻ داخل ٿيل آهي۔ زخمي جوابدار جي نشاندگي تي 8 سولر پليٽون، هڪ عدد 30بور جو بغير لائيسنس پسٽل ٽي عدد گوليون هڪ عدد ڦٽو رڪشا برآمد ٿيو آهي۔ واقعي جو ڪيس داخل ڪري فرار ٿي ويل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لا۽ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.