ڊگهڙي ڀرسان پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي ويو

ڊگھڙي (رپورٽر) ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ ميرعلي محمد ٽالپر ديھ۔178 ۾ پورهيت ارشد علي ولد اڪبر علي خاصخيلي جي ڪکاوين گهر ۾ اچتو باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ گهر ۾ پيل کٽون، هنڌ،بسترا،سوفا سيٽ،اناج،زيور،روڪ رقم سميت الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو،گهرڀاتي ڪم ڪار سانگي شهر ويل گهر ۾ ڪوبه شخص موجود نه هئڻڪري سموري گهر کي باھ وڪوڙي وئي، آس پاس جي ماڻهن گهر مان باھ جا شعلا اٿندي ڏسي پهتا ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ضابطو آندو، متاثر خاندان وسوارن کان واهر جي اپيل ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.