گھوڙاٻاري ۾ ھٿيار بندن جي ڪاهه، 4 ڀائر زخمي، اسپتال منتقل

گھوڙاٻاري (رپورٽ: سيد امير شاهه ڀاڏائي) گھوڙاٻاري شھر ۾  مانجھواڻي برادري ۽ چنا برادري جي ماڻهن ميھشوري برادري جي ماڻهن تي حملو  ڪيو، لتن، مڪن ۽ لٺين جو آزادانه استعمال ڪيو ويو، درزيڪو ۽ چپل پاليش جو ڪم ڪندڙ ميھشوري برادري جا چار نوجوان ڀائر زخمي ٿي پيا، زخمي امير ولد آچو، اشوڪ، بابو ۽ ويرو کي وارث زخمي حالت ۾ کڻائي سول اسپتال ور پهتا جتي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ وڌيڪ علاج لاءِ سول اسپتال ٺٽي ڏانهن روانو ڪيو ويو. ٻي پاسي ايس ايچ او گھوڙاٻاري ٻڌايو ته اھڙو اطلاع ملڻ تي اين سي داخل ڪري جھيڙو ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. ھوڏانھن زخمي ڀائرن جي پيءُ آچو مھيشوري صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڏينهن اسان گھوڙاٻاري کان اڏيرو وڃي رهيا هئاسين ته ٽوڊي ڪار ھلائيندڙ چنا ۽ مانجھواڻي برادري جي ماڻهن اسان کي اور ٽيڪ ڪيو، جنهن سبب اسان جي موٽرسائيڪل ڪري پئي مون سميت منهنجو پٽ به زخمي ٿيو، ٿوري منھن ماري ٿي ھئي، رات وري اسان انھن جي مرشد وٽ وڃي معافي به ورتي هُئي پر اڄ وري ھٿيار تاڻي پٽن تي حملو ڪري زخمي ڪيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي ۽ ڏاڍ آهي. هن چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.