فيض گنج (ن ع آ) فيض گنج جي عائقي ڪرونڊي ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل جو ٽڪر، موٽر سائيڪل سوار نينگر فوت ٿي ويو آھي ڪرونڊي ڀرسان مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ اسڪوٽر سوار ڪرونڊي لڳ ڳوٺ خاهر خاصخيلي واسي 16سالا سورج پٽ هريچند مارواڙي فوت ٿي ويو ، فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد رورل ھيلٿ سينٽر فيض گنج مان وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام مچي ويو